Sada Hussain Abbasi

Sada Hussain Abbasi

Share

As I think|جيئن آئون سوچيان ٿو.

CEO & Founder Indus Knowledge Institute ـIKI

Educator || Columnist || Student Mentor || Organizer-SGSSC & IGSC || Activist || Speaker on Education & Student Development

( Account officially managed by team)

21/06/2026



خمس 18 جون تي روزانو سوڀ اخبار ۾ ڇپيل خبر .

صدا حسين عباسي

03163630291

19/06/2026

پپری سندھی گوٹھ کراچی کے طلبہ کے تعلیمی مسائل حل کریں ، اُنہیں اُن کا حق لائبریری دیں!
صدا حسین عباسی

۔
۔
۔
۔


17/06/2026

ٹیم کی جانب سے بنائی گئی مختصر ویڈیو۔
پپری کے طلبہ کو لائبریری دو!

Thank you my social media team ( Indus Digital - ID )
۔

صدا حسین عباسی
03163630291


16/06/2026

ڇنڇر 13 جون 2026 ع تي روزانو ڪاوش اخبار، پپري ۾ لائبرري نه ھجڻ خلاف صدا حسين عباسي جو لکيل مضمون ، ڪراچيء جي پپري سنڌي ڳوٺ کي لائبرريءَ ڏيو.

!ڪراچيء جي پپري سنڌي ڳوٺ کي لائبرريءَ ڏيو
صدا حسين عباسي

ڪنهن به سماج جي ترقي جو اندازو ان جي عمارتن، رستن يا بازارن مان نه، پر ان جي تعليمي ادارن، ڪتابن ۽ لائبريرين مان لڳايو ويندو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪراچي جي صنعتي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي اهم علائقي، پپري سنڌي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي 22 ڳوٺن ۾ اڄ تائين ڪا به معياري عوامي لائبرري موجود ناهي. اهو سوال هر باشعور شهري جي ذهن ۾ ضرور اڀرڻ گهرجي ته آخر هزارين شاگردن، استادن، نوجوانن ۽ علم جي طلبگارن لاءِ هڪ عوامي لائبرري ڇو نه آهي؟

اڄ جڏهن دنيا مصنوعي ذهانت، جديد تحقيق ۽ علمي انقلاب جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، تڏهن اسان جا نوجوان اڃا تائين بنيادي مطالعي جي سهولتن کان محروم آهن. ڇا ڪنهن قوم جي ترقي ڪتابن کانسواءِ ممڪن آهي؟ ڇا نوجوانن کي رڳو موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي رحم و ڪرم تي ڇڏي سگهجي ٿو؟ ڇا انهن کي اهڙو ماحول نه ملڻ گهرجي جتي هو ڪتابن سان دوستي ڪري سگهن، تحقيق ڪري سگهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهن؟

پپري سنڌي ڳوٺ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ذهين ۽ باصلاحيت نوجوان موجود آهن. پر جڏهن انهن وٽ مطالعي لاءِ مناسب جڳهه، معياري ڪتاب ۽ علمي ماحول موجود نه هوندو ته سندن صلاحيتون ڪيئن نروار ٿينديون؟ افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان به محدود آهن ۽ علمي مرڪز به ناياب آهن. نتيجي طور ڪيترائي نوجوان بي مقصد سرگرمين ۾ وقت ضايع ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.

لائبرري رڳو ڪتابن جو ڪمرو نه هوندي آهي، پر اها هڪ فڪري درسگاهه، شعور جو مرڪز ۽ سماجي تبديليءَ جو ذريعو هوندي آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هر علائقي ۾ جديد لائبريريون موجود آهن، جتي نوجوانن کي پڙهڻ، تحقيق ڪرڻ، سکڻ ۽ پنهنجي شخصيت جي تعمير جا موقعا ملن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا پپري سنڌي ڳوٺ جا نوجوان اهڙي حق کان محروم رهندا؟

گذريل ڪجهه سالن کان اسان پنهنجي ٽيم سان علائقي جا باشعور ماڻهو، استاد ۽ تعليمي ڪارڪن مسلسل تعليم جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. مختلف تعليمي پروگرامن، مطالعي جي مهمن، سيمينارن ۽ شاگردن جي رهنمائي ذريعي علم جي روشني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر حقيقت اها آهي ته هڪ مستقل عوامي لائبرري کانسواءِ اهي ڪوششون پنهنجي مڪمل نتيجن تائين نه پهچي سگهنديون.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چونڊيل نمائندا، سرڪاري ادارا، ڪارپوريٽ شعبي جا ادارا ۽ سماجي تنظيمون هن اهم مسئلي تي سنجيدگي سان ڌيان ڏين. پپري سنڌي ڳوٺ ۾ هڪ جديد عوامي لائبرري قائم ڪرڻ ڪو ناممڪن ڪم ناهي. جيڪڏهن اربين رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿي سگهن ٿا ته نوجوانن جي علمي مستقبل لاءِ هڪ لائبرري ڇو نه ٺهي سگهي؟

اسان جو مطالبو ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ ناهي، پر هزارين نوجوانن جي علمي حق لاءِ آهي. هڪ اهڙي لائبرري جتي نصابي ۽ غير نصابي ڪتاب، اخبارون، رسالا، ڊجيٽل سهولتون ۽ مطالعي لاءِ پرامن ماحول موجود هجي. اها لائبرري نه رڳو نوجوانن پر پوري علائقي جي فڪري ۽ سماجي ترقي جو بنياد بڻجي سگهي ٿي.

(صدا حسين عباسي)
تعليمي ڪارڪن
03163630291


15/06/2026


دیکھ لیں ، پپری کی دیواریں بھی لائبریری نہ ہونے کے خلاف سخت احتجاج میں ہیں!

پپری سندھی گوٹھ، کراچی میں لائبریری کا نہ ہونا ایک سنگین تعلیمی مسئلہ ہے جو یہاں کے نوجوانوں کے مستقبل پر براہِ راست اثر ڈال رہا ہے۔ آج کے دور میں تعلیم صرف اسکول یا کلاس تک محدود نہیں رہی، بلکہ ایک اچھی لائبریری طلبہ کی سوچ، تحقیق اور مہارتوں کو بڑھانے میں بنیادی کردار ادا کرتی ہے۔ بدقسمتی سے اس علاقے میں یہ سہولت موجود نہیں، جس کی وجہ سے طلبہ کو مطالعہ، ریسرچ اور خود سیکھنے کے مواقع کم ملتے ہیں۔ یہ کمی تعلیمی پسماندگی کو مزید بڑھا رہی ہے اور نوجوانوں کو مقابلے کی دوڑ میں پیچھے دھکیل رہی ہے۔ ضرورت اس بات کی ہے کہ فوری طور پر اس مسئلے پر توجہ دی جائے اور ایک معیاری لائبریری قائم کی جائے تاکہ یہاں کے طلبہ بھی بہتر مستقبل کی طرف بڑھ سکیں۔
صدا حسین عباسی - تعلیمی کارکن
03163630291

13/06/2026

پپري سنڌي ڳوٺ ۾ لائبرري نه ٺهي ته جهولي فنڊ مهم هلائي، در در وڃي ڪتاب گڏ ڪري شاگردن لاءِ مفت عوامي لائبرري قائم ڪنداسين: صدا حسين عباسي


12/06/2026

پپری سندھی گوٹھ کراچی کو عوامی لائبریری فراہم کرو!

اسان حڪمرانن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون پيش ڪري چڪا آهيون ۽ بار بار احتجاجي مظاهرا به ڪري چڪا آهيون، پر افسوس جو اڄ تائين رڳو واعدا ۽ آسرا ئي نصيب ٿيا آهن. نتيجي طور علم جي اڃ رکندڙ نوجوانن کي پنهنجا مطالعاتي ۽ فڪري اسٽڊي سرڪل مجبوريءَ ۾ ڪڏهن ريلوي اسٽيشن تي، ڪڏهن فٽبال گرائونڊ ۾، ڪڏهن ڪنهن ساٿي جي اوطاق يا گهر ۾، ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول يا انسٽيٽيوٽ جي سهاري منعقد ڪرڻا پون ٿا. هي صورتحال نه رڳو علم دوست نوجوانن سان ناانصافي آهي، پر ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته اسان جي علائقي کي اڃا تائين بنيادي تعليمي سهولتن، خاص طور هڪ عوامي لائبريري، کان محروم رکيو ويو آهي
صدا حسين عباسي
تعليمي ڪارڪن.
03163630291

10/06/2026

پپري سنڌي ڳوٺ ڪراچي کي عوامي لائبرري ڏيو!

نوجوانن لاءِ جديد لائبرري ڇو ضروري آهي؟

جديد لائبرري نوجوانن جي علمي، ذهني ۽ تخليقي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي. اڄ جي دور ۾ صرف درسي ڪتابن تائين محدود رهڻ ڪافي ناهي، پر مختلف موضوعن بابت وسيع ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا لائبرري فراهم ڪري ٿي. جديد لائبرري ۾ ڪتابن سان گڏ ڊجيٽل وسيلن، انٽرنيٽ ۽ تحقيقي مواد تائين به رسائي هوندي آهي، جنهن سان نوجوانن جي مطالعي جي عادت مضبوط ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ تنقيدي سوچ پيدا ٿئي ٿي. لائبرري نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪري ٿي، سندن وقت جو بهتر استعمال يقيني بڻائي ٿي ۽ کين مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. ان ڪري هر ترقي پسند سماج لاءِ جديد لائبرريون نوجوانن جي تعمير ۽ ترقي جو اهم ذريعو آهن.

22 ڳوٺن تي مشتمل يونين ڪائونسل پپري سنڌي ڳوٺ، ڪراچي جي هزارين نوجوانن، شاگردن ۽ استادن لاءِ هڪ جديد عوامي لائبرري وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. لاڳاپيل سرڪاري ادارن، سماجي تنظيمن ۽ مخير حضرات کي گهرجي ته هن علائقي ۾ فوري طور تي هڪ معياري عوامي لائبرري قائم ڪن ته جيئن نوجوانن کي علم، تحقيق ۽ مطالعي جا بهتر موقعا ملي سگهن ۽ هو سماج جي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.

صدا حسين عباسي
تعليمي ڪارڪن
📞 03163630291

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Karachi