From hearing him speak… to meeting him in person.
Jr. Zulfiqar Ali Bhutto at PU — a voice for change, rights, and the environment.
Proud to represent Mehran Students Council UMT at such a powerful study circle.
Mehran Council Umt
(Mehran Council UMT) A platform dedicated to promoting Sindhi culture and empowering students from Sindh!
مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل UMT پاران وولنٽيئر ليڊنگ گورننس (VLG) جي اهتمام هيٺ ڪشمير ڊي جي موقعي تي منعقد ڪيل پيس واڪ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي وئي۔
هن تقريب ۾ مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل UMT جي چيئرمين غضنفر لاشاري صاحب، جنرل سيڪريٽري دانيال علي ۽ جنرل باڊي جي ٻين معزز ميمبرن گڏجي شرڪت ڪئي۔
اهڙيون سرگرميون نوجوانن ۾ قومي شعور، اتحاد ۽ ذميواري جي احساس کي هٿي ڏين ٿيون۔
اسان وولنٽيئر ليڊنگ گورننس (VLG) جا ٿورائتا آهيون، جن اهڙي با مقصد تقريب جو اهتمام ڪيو۔
23/12/2025
ڪُونجَ نَہ پَسين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سين ڍَڪِئو،
مارِيءَ ماري لَکَ،وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.
Jiye Sindh 🚩
Jiye Latif ♥️
Mehran Students' Council UMT elected it's new Chairman Sain Gazanfar LasHari for the tenure of 2026-27..
Congratulations Sain.
14/12/2025
مهـران اسٽوڊنٽ ڪائونسل
UMT لاءِ هي هڪ انتهائي فخر جو لمحو آهي
جو عثمان علي ڏهر
(LLB)، پنجون سیمسٽر ايل ايل بي
ڊپارٽمينٽ پنهنجي بي مثال محنت ۽ لگن سان
CGPA 3.96 حاصل ڪري
ڊين ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو
اسان کي اهڙن باصلاحيت شاگردن تي ناز آهي 🌟👏🏻👏🏻
27/04/2025
*_📚 اسٽڊي سرڪل جي ڪامياب انعقاد جو اعلان_*
پيارا دوستو،
اوهان کي خوشي سان اطلاع ڏجي ٿو ته مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اڄ *"6 Canals Issue on the Indus River"* جي موضوع تي منعقد ڪيل اسٽڊي سرڪل ڪاميابي سان مڪمل ٿيو.
ان موقعي تي مختلف پهلوئن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ شامل هئا:
- سياسي نقطه نظر
- زرعي نقطه نظر
- پاڻي جي معاهدي جو نقطه نظر
- ۽ ٻيا اهم پهلو
اسان پنهنجي معزز اسپيڪرز *حسنين مڱسي* ۽ *ولايت علي* جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيون ٿا، جن پنهنجي قيمتي خيالن سان سيشن کي علمي ۽ دلچسپ بڻايو.
ساڳئي وقت، اسان سڀني شرڪت ڪندڙن جي، خاص طور تي *واحد علي*، *مير هزار خان*، *رضوان علي (VC)*، *اشفاق بلادي (C(* ۽ ٻين ساٿين جي، جن پنهنجا رايا ۽ تجزيا گڏيل طور تي پيش ڪيا، دل جي گهراين سان ٿورا مڃيون ٿا.
اوهان جي سرگرم شموليت هن سيشن کي وڌيڪ جاندار ۽ علمي بڻايو.
اهڙا پروگرام اسان جي علمي شعور جي واڌاري ۽ گڏيل سُڃاڻپ جي علامت آهن.
اڳتي به اهڙين علمي سرگرمين لاءِ سانڍيو رهو!
ساڻ سُٺن سلامن،
*غضنفر لاشاري*
*انفارميشن سيڪريٽري*
*مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل*
Grand Iftari hosted by Cabinet Mehran Students Council ✨
13/03/2025
الحمدلله، اڄ جو *سنڌو جا ڪئنالن* خلاف احتجاج انتهائي ڪامياب رهيو!
تمام اهم ڳالهه هي آهي ته *تمام لاھور يونيورسٽين* ۽ *UMT* پڻ ان ۾ شرڪت ڪئي. هن احتجاج کي *LAHORE Chapter* پاران منظم ڪيو ويو، ۽ سڀني ماڻهن جي متحد ڪوشش ۽ حوصلو صاف ظاهر ٿيو.
پنجاب اسيمبلي کان پريس ڪلب تائين، اسان جو آواز بلند ٿيو ۽ اسان هڪ مضبوط پيغام ڏنو:
*سنڌ جي پاڻي جي حقن لاءِ اسان ڪنهن به قسم جي زيادتين کي برداشت نه ڪندا!*
ان موقع تي سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيون جن هن اهم احتجاج ۾ حصو ورتو. توھان جي محنت ۽ جدوجهد کي سلام!
27/01/2025
اعلانِ خاص: مهران ڪائونسل UMT جي نئين شروعات
اسان وڏي خوشي سان اعلان ڪيون ٿا ته مهران ڪائونسل UMT هن سال لاءِ نئين جوش، جذبي ۽ واعدن سان تيار آهي. اسان جي ڪابينا جو عزم آهي ته سنڌ جي ثقافت، ورثي ۽ جدت کي اڳتي وڌائيندي شاگردن جي آواز بڻجي، سندن مسئلا حل ڪري ۽ نئين نسل جي قيادت کي مضبوط بڻائي.
هي آهي اسان جي نئين قيادت:
چيئرمين: اشفاق بلادي
وائيس چيئرمين: رضوان علي ڀٽي
جنرل سيڪريٽري: شڪيل احمد کوسو
چيئرمين جا صلاحڪار: رجب ٿيٻو
انفارميشن سيڪريٽري: غضنفر لاشاري
ڪلچرل سيڪريٽري: سيد مهدي رضا
فنانس سيڪريٽري: احمد نواز ڏهري
ايڊ: فنانس سيڪريٽري: مصور علي
اسپورٽس سيڪريٽري: مير هزاري خان
ميڊيا سيڪريٽري: سيد علي بخاري
ايڊميشن ڪميٽي: ولايت علي
اسان جو مشن آهي ته سنڌ جي شاگردن کي هڪ اهڙو پليٽفارم ڏيون جتي اهي علم، ثقافت ۽ قيادت ۾ اڳڀرا ٿي سگهن. اسان جا مقصد صرف تعليم تائين محدود نه آهن، پر سنڌ جي ورثي ۽ سڃاڻپ کي نئين نسل ۾ اجاگر ڪرڻ به اسان جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي.
اچو ته گڏجي مهران ڪائونسل کي نه رڳو هڪ تنظيم، پر هڪ ڪميونٽي بڻايون، جتي هر آواز ٻڌو وڃي ۽ هر مقصد حاصل ڪيو وڃي.
Sindhi Writes
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Contact the school
Telephone
Website
Address
Lahore
53000