15/05/2026
سکر : سنڌ پروفيسر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ايسوسيئيشن يونٽ ڪمپريهنسو هائيرسيڪنڊري اسڪول سکر جي پنجن ڄڻن اسسٽنٽ پروفيسر مان ايسوسئيٽ پروفيسر ٿيڻ جي خوشيءَ ۽ اڳوڻي ڊويزن صدر سکر سپسا پرنسپل پروفيسر عبدالوهاب بلوچ جو گريڊ 20 ۾ سينئر پرنسپل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي مانَ ۾ تقريب ٿي گذري. جنھن ۾ گلن جي تحفن ، اجرڪن جي تحفن ۽ مٺائي ورهائي وئي. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي يونٽ جي جرنل سيڪريٽري سعيد احمد ڀيو پروگرام جي ڪاروائي هلائيندي پروفيسر عبدالوهاب بلوچ، پروفيسر فهيم اختر شيخ، پروفيسر مبارڪ حسين ڀٽو، پروفيسر بدرالدین ڀيو ، پروفيسر عبدالحليم چاچڙ ،پروفيسر فراز احمد خان، کي پروموشن تي مبارڪ آباد ڏني خطاب ڪندي چيو تہ استاد سماج جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ فرد آهي. انسان جي شخصيت، سوچ، علم، اخلاق ۽ مستقبل جي تعمير ۾ استاد جو حصو انتهائي وڏو ۽ اثرائتو هوندو آهي. استاد رڳو ڪتابي علم سيکارڻ وارو نه هوندو آهي ، پر هو شاگردن جي اندر انسانيت، سچائي، محنت، برداشت ۽ ذميواري جو شعور به پيدا ڪندو آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته استاد قوم جو معمار هوندا آهن، ڇو ته هو ايندڙ نسلن کي سنواري ٿو ۽ انهن کي صحيح راهه ڏيکاري ٿو. سپسا تنظيم پنهنجي ميمبرن جي ترقي ۾ وڏي جاکوڙ ڪري انھن کي پنهنجا حق وٺي ڏنا آهن. تقريب کي سمورن پروموشن ماڻيندڙ پروفيسرن خطاب ڪندي پنهنجي تنظيم جا ٿورا مڃيا ۽ وچن ڪيو تہ سنڌ جي تعليم کي بھتر بڻائڻ ۽ ادارن جي بهتري لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري بھتر ڪيو ويندو.
استادن جو ڪردار شاگردن لاءِ والدين کان پوءِ سڀ کان اهم آهي. گهر ۾ والدين ٻار جي تربيت ڪن ٿا، پر اسڪولن ۾ استاد انھن جي تربيت ڪري انهن شاگردن کي نکاريندا آھن . استاد شاگردن کي نه رڳو پڙهائي ٿو ، پر زندگي گذارڻ جا اصول به ٻڌائيندو آهي. هو انهن کي سچ ڳالهائڻ، ٻين جو احترام ڪرڻ، وقت جي پابندي ڪرڻ ۽ محنت سان اڳتي وڌڻ سيکاري ٿو. اهڙي طرح استاد هڪ شاگرد کي مڪمل انسان ٺاهڻ ۾ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي ٿو. استاد پنهنجي شاگردن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچي ٿو. استاد نه رڳو فرد جي زندگي بدلائي ٿو، پر پوري سماج جي تقدير به بدلائي ٿو. اهڙيءَ ريت استاد جو ڪردار هميشه اهم رهيو آهي ۽ رهندو، ڇو ته علم، تربيت ۽ انسانيت جي واڌ ويجهه ۾ استاد جو ڪو متبادل ناهي. آخر يونٽ جي وائيس پرنسپل تقريب جو اختتام ڪندي سڀني کي مبارڪون ڏنيون.
11/05/2026
سپسا يونٽ گورنمينٽ ڪمپريهنسو هائيرسيڪنڊري اسڪول سکر پاران تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ مهمان خاص سپسا ضلعي صدر، ڊي اي او سيد غلام مرتضا شاھ صاحب، جڏهن ته سينئر پرنسپل پروفيسر عبدالغفور آرائين ، وائيس پرنسپل پروفيسر عبدالجبار مھر، صدر سپسا يونٽ ارشاد علي ڀيو، جرنل سيڪريٽري سپسا يونٽ سعيد احمد ڀيو پاران اسسٽنٽ پروفيسر کي گريڊ 18مان ايسوسئيٽ پروفيسر گريڊ 19 ۾ پروموشن ماڻيندڙ پروفيسر فهيم اختر شيخ، پروفيسر عبدالحليم چاچڙ ، پروفيسر بدرالدین ڀيو ، پروفيسر فراز خان، پروفيسر مبارڪ علي ڀٽو کي گلن جا تحفا پيش ڪيا ۽ مبارڪ آباد ڏني تقريب کي ڊي اي او، سپسا ضلعي صدر سيد غلام مرتضا شاھ خطاب ڪندي چيو تہ سپسا جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. هي اسان جي تنظيم جون ڪاوشون آهن ته اسان جا دوست اسسٽنٽ پروفيسر مان ايسوسئيٽ پروفيسر ٿيا ۽ اهڙيون خوشيون ملنديون رهنديون. تقريب کي سينئر پرنسپل پروفيسر عبدالغفور آرائين خطاب ڪندي سپسا صدر سيد غلام مرتضا شاھ جا ٿورا مڃيا.
15/02/2026
محترم سائين پروفيسر عبدالوھاب بلوچ صاحب پرنسيپال گورنمينٽ ڪومپريھينسو ھائر سيڪنڊري اسڪول سکر رٽائرمينٽ ائڊوانس مبارڪ .
14/02/2026 تي
سپسا يونٽ گورنمينٽ ڪومپريھينسو ھائر سيڪنڊري اسڪول سکر کي شاندار ۽ ڪامياب پروگرام جي انعقاد جون مبارڪون .
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ارپي ڇڏ ڪنھن کي دل جو گلدستو ،
رنگن سان رستو آھي سجايل پيار جو .
۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادل سومرو ۔۔۔۔۔۔۔
پروفيسر عبدالوھاب بلوچ صاحب جن پنهنجي عمر جو بهترين حصو تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪيو ، شاگردن جي دلين ۾ علم جا شمع روشن ڪيا ۽ ادارن کي پنهنجي ڪردار سان سڃاڻپ ڏني . اڄ جڏهن هو عملي زندگيءَ جي ميدان مان باوقار نموني رٽائرمينٽ وٺي رهيا آهن ، ته هر اک نم ، هر دل شڪرگذار ۽ هر زبان دعاگو نظر اچي ٿي . پروفيسر عبدالوھاب بلوچ صاحب ، پرنسيپال گورنمينٽ ڪومپريهينسو هائر سيڪنڊري اسڪول سکر جي رٽائرمينٽ جي مناسبت سان ، سندس شان ، مانَ ۽ اعزاز ۾ سپسا يونٽ گورنمينٽ ڪومپريهينسو هائر سيڪنڊري اسڪول سکر طرفان سکر آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ شاندار ، يادگار ۽ تاريخي تقريب منعقد ڪئي ويئي ، جيڪا علم ، احترام ۽ محبت جي خوشبوءَ سان مهڪندي رهي . ھن تقريب ۾ نامور تعليمي آفيسرن ،۽ استادن ۽ علم دوست شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، جن ۾ سپسا جي باني اڳواڻ سائين مير حسن جت صاحب. حافظ شھاب الدين انڍڙ صاحب ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري سکر ريجن سکر , سيد صفدر علي شاھ صاحب ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري لاڙڪاڻه ريجن لاڙڪاڻه ، ممتاز تعليمي ماهر حاجي عبدالعزيز ڪلھوڙو صاحب ، محترم اورنگزيب محي الدين انڍڙ صاحب ، محترم جاويد حميد قريشي صاحب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ميل تعلقه سکر سٽي ، محترم عبادالله انصاري صاحب ، سيد نديم حسين شاھ بخاري صاحب سميت سپسا سنڌ جي موجوده مرڪزي ۽ سابق اڳواڻن ، گسٽا ، پ ۔ ٽ ۔ الف ۽ سکر بورڊ جي آفيسرن توڙي سڄي سنڌ مان آيل دوستن شرڪت ڪري تقريب کي علمي وقار بخشيو . آيل معزز مهمانن طرفان محترم عبدالوھاب بلوچ صاحب کي اجرڪ ، ڪتاب ، شالون ۽ ٻيا قيمتي تحفا پيش ڪيا ويا ، جڏهن ته محبت ۽ احترام جي علامت طور گلن جا هار پارايا ويا . سپسا يونٽ طرفان پڻ سڀني معزز مهمانن کي شالون پارائي عزت افزائي ڪئي ويئي .تقريب دوران مقررين پنهنجي خطابن ۾ پروفيسر عبدالوھاب بلوچ صاحب جي علمي خدمتن ، انتظامي قابليتن , شاگرد دوست ۽ سماجي شخصيت کي ڀرپور لفظن ۾ ساراهيو . انهن چيو ته عبدالوھاب بلوچ صاحب ھڪ بهترين استاد ۽ هڪ اهڙو رهبر پڻ هئا ، جن پنهنجي عمل سان سکيا ڏني ته تعليم ڪردار ، اخلاق ۽ خدمت جو نالو آهي . محترم عبدالوھاب بلوچ صاحب پنهنجي خطاب ۾ سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته : ”منهنجي زندگيءَ جو وڏو سرمايو اوهان جو اعتماد ۽ شاگردن جي محبت آهي ، جيڪڏهن منهنجي ڪا خدمت قبول پئي آهي ته اهو منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز آهي .” آخر ۾ سعيد احمد ڀيو صاحب خطاب ڪندي سڀني معزز مهمانن ، منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ تقريب جي ڪاميابيءَ تي شڪر جو اظهار ڪيو . اها تقريب هڪ دور جي سونهري خدمتن کي سلام هئي . پروفيسر عبدالوھاب بلوچ صاحب جهڙيون شخصيتون وقت جي ورقن تي علم جي روشن تحرير آهن ،جيڪي هميشه ياد رهنديون .
03/01/2026
پروفيسر عبدالحليم چاچڙ پروفيسر عبدالوهاب بلوچ کي ترقي جون مبارڪ ڏيندي.
01/01/2026
اسان هردلعزيز پرنسپال محترم عبدالوهاب بلوچ کي سينئر پرنسپال گريڊ 20 ترقي ماڻڻ تي اسٽاف طرفان لک لک واڌايون