24/06/2026
سنڌ حڪومت فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا تي ڀرتين لاءِ نيون پاليسي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. نون ضابطن موجب ڪيس ميرٽ جي بنياد تي لاڳاپيل کاتي جي سطح تي طئي ڪيا ويندا، اسڪروٽني ڪميٽي جون سفارشون انتظامي سيڪريٽري جي منظوري بعد DRC ڏانهن موڪليون وينديون، جڏهن ته سموريون قانوني ڪارروايون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آفر ليٽر جاري ڪيا ويندا.
24/06/2026
الفتح پينل زنده باد ❤️✌️
ان شاءَ الله ڪاميابي الفتح پينل جي ٿيندي..
صدر
گسٽا ضلعي عمرڪوٽ
#گسٽا
24/06/2026
الفتح پينل زنده باد ❤️✌️
ان شاءَ الله ڪاميابي الفتح پينل جي ٿيندي..
سيد راشد شاھ صدر، محمود چوهاڻ جنرل سيڪريٽري.
خادم علی پنھور
سینئر وائس پیزیڈنٹ میرپور خاص ڈویزن
#گسٽا
#ﺳﻨﮅ
23/06/2026
اڪاؤنٽنٽ جنرل سنڌ پاران ريگيولر پگهار جو پيرول 20 ۽ پگهار هر مهيني جي 25 تي جاري ڪرڻ جو حڪم
23/06/2026
سپریم کورٹ کا سروس ملازمین کے حق میں اہم فیصلہ — سینارٹی کے تعین کا اصول دوبارہ واضح
سپریم کورٹ آف پاکستان نے Civil Petitions No.1065-K of 2025 و دیگر میں ایک نہایت اہم فیصلہ سناتے ہوئے سندھ سروس ٹریبونل کے اس فیصلے کو برقرار رکھا ہے جس میں قرار دیا گیا تھا کہ جو ملازمین پہلے سلیکشن (Selection) میں منتخب ہوئے ہوں گے، وہ بعد میں منتخب ہونے والے ملازمین سے سینئر شمار ہوں گے۔
مقدمہ سندھ کے کالج ایجوکیشن ڈیپارٹمنٹ کے لیکچررز کی بین السینیارٹی (Inter-se Seniority) سے متعلق تھا۔ مختلف مضامین کے لیکچررز کی بھرتی سندھ پبلک سروس کمیشن (SPSC) کے ذریعے مختلف اوقات میں مکمل ہوئی اور سفارشات بھی مختلف تاریخوں پر ارسال کی گئیں۔ بعد ازاں مرتب کی گئی مشترکہ سینارٹی لسٹ میں بعض افسران نے اعتراض اٹھایا کہ ان کی سلیکشن پہلے ہوئی تھی لیکن انہیں بعد میں منتخب ہونے والوں کے برابر یا ان سے نیچے رکھا گیا ہے۔
سندھ سروس ٹریبونل نے اپیلیں منظور کرتے ہوئے قرار دیا کہ Sindh Civil Servants (Probation, Confirmation & Seniority) Rules, 1975 کے Rule 11(a) کے مطابق پہلے سلیکشن میں منتخب ہونے والا ملازم بعد میں منتخب ہونے والے ملازم سے سینئر ہوگا۔ حکومت سندھ نے اس فیصلے کو سپریم کورٹ میں چیلنج کیا۔
سپریم کورٹ نے تفصیلی جائزے کے بعد قرار دیا کہ Rule 11(a) کا پروویزو بالکل واضح ہے کہ "A person selected in earlier selection shall rank senior to a person selected in a later selection." لہٰذا سینارٹی کے تعین میں سلیکشن کی تاریخ اور سلیکشن بیچ (Selection Batch) کو نظر انداز نہیں کیا جا سکتا۔
عدالت عظمیٰ نے مزید قرار دیا کہ اگر کسی ٹریبونل کے فیصلے سے کسی ملازم کی سینارٹی متاثر ہوتی ہے تو اصل متاثرہ ملازم کو چیلنج کرنے کا حق حاصل ہے، محض حکومت اس بنیاد پر اپیل نہیں کر سکتی کہ وہ فیصلے سے مطمئن نہیں۔ حکومت کو ایک غیر جانبدار اور منصف آجر (Fair Employer) کے طور پر کام کرنا چاہیے، نہ کہ ملازمین کے مابین تنازع میں ایک فریق بن کر۔
سپریم کورٹ نے قرار دیا کہ سندھ سروس ٹریبونل کے فیصلے میں کوئی قانونی خامی، بے ضابطگی یا اختیارات سے تجاوز ثابت نہیں ہوا، لہٰذا تمام سول پٹیشنز خارج کر دی گئیں۔
یہ فیصلہ تمام سرکاری ملازمین خصوصاً سروس قوانین، سینارٹی، پروموشن اور بین السینیارٹی کے معاملات میں ایک اہم نظیر (Precedent) کی حیثیت رکھتا ہے اور واضح کرتا ہے کہ پہلے منتخب ہونے والے ملازمین کو بعد میں منتخب ہونے والوں پر سینارٹی کا حق حاصل ہوگا۔
22/06/2026
حکومتِ سندھ نے عاشورہ کے موقع پر 25 اور 26 جون 2026 کو صوبہ بھر میں عام تعطیل کا اعلان کر دیا۔
22/06/2026
سنڌ حڪومت جي تعليمي کاتي پاران ملازمن ۽ استادن لاءِ ٺاهيل FRAMES موبائل ايپليڪيشن جون اهم خاصيتون (Features) هيٺيون آهن، جيڪي سسٽم کي شفاف ۽ محفوظ بڻائين ٿيون:
# # 1. چهري ۽ اکين جي سڃاڻپ (Facial & Iris Recognition)
* هيءَ هن ايپ جي سڀ کان اهم خاصيت آهي.
* ملازم کي اسڪول پهچي ڪيمرا جي سامهون بيهڻو پوندو آهي.
* سسٽم چهرن (Face) يا اکين جي پتلي (Iris) کي اسڪين ڪري حاضري لڳائي ٿو، جنهن سان ڪنهن ٻئي جي جاءِ تي حاضري لڳائڻ (Proxy) ناممڪن بڻجي وڃي ٿي.
# # 2. جيو-فينسنگ ۽ لوڪيشن جي پاٻندي (Geo-Fencing Technology)
* هيءَ ايپ موبائل جي GPS لوڪيشن کي استعمال ڪري ٿي.
* هر اسڪول جي حد (جيو-فينس) نقشي تي اڳيئي طئي ٿيل هوندي آهي.
* ملازم صرف ان وقت حاضري لڳائي سگهي ٿو جڏهن هو اسڪول جي حدن اندر (School Premises) موجود هوندو.
# # 3. فيڪ لوڪيشن جي روڪٿام (Anti-Mock Location Filters)
* اها خاصيت ڪنهن به فيڪ جي پي ايس (Fake GPS) يا مڪ لوڪيشن (Mock Location) واري ايپ کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندي آهي.
* جيڪڏهن ڪو ملازم اسڪول کان ٻاهر ويهي لوڪيشن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ايپ حاضري بلاڪ ڪري ڇڏيندي.
# # 4. ريل ٽائيم ڊيش بورڊ (Real-Time Data Sync)
* حاضري لڳڻ سان ئي ڊيٽا سڌو سنئون ڪلاؤڊ سرور ۽ تعليم کاتي جي هيڊ آفيس سان سنڪ (Sync) ٿي ويندو آهي.
* مانيٽرنگ ٽيمون (Data Analysts) فوري طور ڏسي سگهن ٿيون ته ڪهڙو استاد ڪهڙي وقت اسڪول پهتو آهي.
# # 5. بايوڊيٽا ۽ ايمپلائي پروفائل (Employee Onboarding & ID) [1]
* هن ايپ ۾ هر ملازم جو هڪ منفرد اڪائونٽ هوندو آهي.
* هي اڪائونٽ ملازم جي پرسنل نمبر (Personnel Number)، CNIC ۽ اسڪول جي SEMIS Code سان ڳنڍيل هوندو آهي، جنهن سان ملازم جي رڪارڊ جي تصديق آسان ٿي ويندي آهي.
# # 6. آف لائن حاضريءَ جي سهولت (Offline Mode Support)
* جن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سروس ڪمزور يا بند هوندي آهي، اتي پڻ هيءَ ايپ ڪم ڪري سگهي ٿي.
* ايپ آف لائن حاضريءَ جو رڪارڊ موبائل ۾ محفوظ ڪري وٺندي آهي ۽ انٽرنيٽ آن ٿيڻ شرط ڊيٽا سرور تي اپلوڊ ڪري ڇڏيندي آهي.
21/06/2026
چھري جي سڃاڻپ واري رجسٽريشن کانپوءِ توھان ھيٺ ڏنل لنڪ تي پنھنجو اڪائونٽ کولي پنھنجي تصوير ڏسي سگهو ٿا
https://eportal.sindheducation.gov.pk/
20/06/2026
جميل احمد آرائين صاحب اهڙا سينيئر استاد آهن، جن کان اسان صبر، برداشت، تدبر ۽ هر ڌر جي ڳالهه ٻڌڻ جو هنر سکيو آهي. هن هميشه اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته ڪاوڙ ۾ ڪيل فيصلا اڪثر نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن، جڏهن ته صبر، دانائي ۽ تحمل سان ورتل فيصلا ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائيندا آهن.
چونڊن دوران ڪيترائي اهڙا موقعا آيا جتي مخالف ڌر يا بائيڪاٽ ڪندڙ گروپ خلاف سخت قدم کنيا وڃي سگهيا پيا، پر جميل احمد آرائين صاحب پنهنجي وسيع سوچ ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندي ڪنهن کي به مظلوم بڻجڻ جو موقعو نه ڏنو. سندن خيال هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي روڪيو ويو يا نااهل قرار ڏنو ويو ته هو پاڻ کي #مظلوم #ظاهر ڪري چونڊ عمل کان پري ٿي ويندا ۽ پوءِ شفافيت تي سوال اٿاريندا. ان ڪري هنن انصاف، تدبر ۽ #جمهوريت جي روح مطابق سڀني لاءِ دروازا #کليل رکيا.
سندن غير جانبداري ۽ انصاف پسندي جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو به آهي ته مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ اهو يونٽ، جيڪو چونڊن جي بائيڪاٽ واري پاليسي تي هو، ان وٽ #بائيڪاٽ بابت سمورا دستاويز ۽ جواز موجود هئا. تنهن هوندي به جميل احمد آرائين صاحب وڏي ظرف، جمهوريت پسند سوچ ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندي انهن جي هر جائز ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ کين چونڊي عمل ۾ مڪمل عزت ۽ برابر موقعو فراهم ڪيو.
بائیکاٹ ۽ اصولي سوال
جيڪڏهن ڪنهن گروپ يا يونٽ طرفان باقاعده طور تي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هجي، ته اصولي طور تي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا انهن کي پوءِ ساڳي نظام ۾ نمائندگي يا عهدا ڏيڻ درست هو؟
ضابطن مطابق اهڙي صورتحال ۾ يا ته انهن کي عمل ۾ حصو وٺڻ گهرجي ها، يا وري بائيڪاٽ جي فيصلي جا نتيجا به قبول ڪرڻ گهرجن ها.
اصل ڳالهه اها آهي ته جمهوريت يا تنظيمي نظام ۾ اصول سڀني لاءِ هڪجهڙا هئڻ گهرجن، نه ته صورتحال مطابق بدلجندڙ.
جمہوريت جا سبق اُهي ماڻهو نه ڏين، جيڪي پاڻ چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري پوءِ پٺئين دروازي سان عهدن تي پهتا هجن.
“نعرے اور حقیقت کے درمیان جمہوریت”
جيڪڏهن يونٽ سطح جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو ته پوءِ ضلعي يا ڊويزن سطح جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اخلاقي جواز ڪهڙو آهي؟ ان هوندي به اڳواڻن برداشت، صبر ۽ جمهوري روايتن کي برقرار رکندي ڪنهن کي نااهل قرار نه ڏنو، حالانڪه کين اهڙو اختيار حاصل هو.
جمهوريت جو مطلب اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ، چونڊ عمل جو احترام ڪرڻ ۽ اصولن تي هلڻ آهي، نه ته پنهنجي لاءِ هڪ معيار ۽ ٻين لاءِ ٻيو معيار رکڻ..
"واعظِ شہر نے کیا خوب سبق یاد رکھا،
خود جو بھولا تھا وہی سب کو سکھانے نکلا۔
هي بلڪل ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو راند ۾ قاعدا نه مڃي، راند کي ڇڏي هليو وڃي، پر پوءِ اسٽيج تي بيهي ٻين رانديگرن کي راند جا سبق ڏيڻ شروع ڪري.
اصل جمهوريت اها آهي جيڪا هر سطح تي هڪ جهڙا اصول رکي ٿي، نه ته جڏهن فائدو هجي ته حصو وٺجي ۽ جڏهن نقصان هجي ته بائيڪاٽ جو نالو ڏجي.
اهڙي رويي کي ماڻهو جمهوريت نه پر ٻٽو معيار ۽ منافقت سڏين ٿا...
جميل احمد آرائين صاحب کي خراجِ تحسين
اسان لاءِ هي وڏي خوشنصيبي جي ڳالهه آهي ته جميل احمد آرائين صاحب جهڙي باوقار شخصيت اسان جي ساٿ ۾ موجود آهي. هنن مشڪل حالتن ۽ عام معمول جي باوجود چيئرمين جي ذميواري نهايت ايمانداري، سنجيدگي ۽ بهتر انداز ۾ نڀائي.
سندن طرزِ عمل ثابت ڪري ٿو ته اصل قيادت اها آهي جيڪا حالتن جي پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجي فرض کي پورو ڪري. جميل احمد آرائين صاحب نه رڳو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر هڪ سٺي مثال پڻ قائم ڪئي.
اسان سندن خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله پاڪ کين وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي.
#گسٽا